سنڌ قاصد

سنڌ قاصد (اخبار): هيءَ سنڌ مان نڪرندڙ ٽيون نمبر پراڻي اخبار هئي، جنهن جو پهريون پرچو 6 جون 1854ع تي جاري ٿيو. هيءُ اخبار انگريزي ۾ هوندي هئي، جيڪا اڱاري ۽ جمعي جي ڏينهن تي صبح واري وقت ۾ جاري ڪئي ويندي هئي. هن اخبار جي آفيس ڪراچيءَ ۾ نيپيئر روڊ تي هوندي هئي. ’سنڌ قاصد‘ جو پهريون ايڊيٽر اخبار جو مالڪ هينري جان برگس هو. جارج راڊ رج، وليم رولنڊ ۽ ڊي. پيريرا پريس جا انچارج رهيا. هن اخبار پنهنجي شروعات في صفحو چئن ڪالمن سان ڪئي، پر مختصر عرصي ۾ ترقي ڪري في صفحو پنج ڪالم شايع ٿيڻ لڳي. هن اخبار ۾ عام خبرن کانسواءِ سرڪاري نوٽيفڪيشن، تجارتي اشتهار، مزاحيه گيت، موسمي معلومات، آکاڻيون، اسٽيمرس ۽ پوسٽ جي آمد و رفت جون خبرون شايع ٿينديون هيون.
هن اخبار جي شروع ۾ قيمت ڇهه آنا هئي، پر پوءِ پهرين سيپٽمبر 1854ع تي اخبار جي سائيز وڌائڻ سبب قيمت به وڌائي اٺ آنا ڪئي ويئي. سنڌ قاصد ان دؤر جي ڪامياب اخبار هئي.


لفظ سنڌ قاصدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو